علي بخش جمالي جا قاتل گرفتار ڪيو ، ڀانن ۾ وارث سراپا احتجاج، ڌرڻو

ڀان سيدآباد (ن ع آ)  ڀان سيدآباد ۾ ڳوٺ خيرمحمد جمالي واسي جمالي برادري جي ماڻهن حسين جمالي،مشتاق جمالي، ڌڻي بخش جمالي، اڪبر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوان علي بخش جمالي جي قاتلن  جي گرفتاري لاءِ جمالي ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته 7 آڪٽوبر تي گاجي شاهه ۾ مقتول علي بخش جمالي کي بااثرن بيدردي سان قتل ڪيو جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آهي، هنن چيو  ته نوجوان علي بخش جمالي جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر گاجي شاهه ٿاڻي تي جوابدارن اختر، غلام قادر، وزير، سميت 7 ڄڻن خلاف داخل ٿيل آهي جيڪا انڪوائري ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران ڊي ايس پي سراج لاشاري حوالي ڪئي وئي پر سراج لاشاري بااثرن جي ونگار وهندي 40 لک رشوت وٺي ڪيس مان مک جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن، اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو اسان جو نوجوان علي بخش جمالي قتل ٿيو ۽ ان جي قتل ڪيس مان پوليس مک جوابدارن جا نالا ڪڍي ڇڏيا آهن، جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آهي، هنن وڏي وزير ، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان علي بخش جمالي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.