نئون ڪوٽ ويجهو پوليس جمعدار منشيات الزام ۾ زال سوڌ گرفتار

نئون ڪوٽ (رپورٽ : زاھد مغل) نئين ڪوٽ جي پوليس، حاضر سروس جعمدار کي 5 سئو گرام چرس ۽ ھيرون سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس  اطلاع  تي نئون ڪوٽ پوليس جي اي ايس آءِ مانو مل پوليس نفري ۽ ليڊيز پوليس سان گڏ گشت دوران جھڏو کان نئون ڪوٽ ايندڙ خالد محمود ۽ سندس زال کي 75 موري سم نالي وٽ تلاشي دوران 5 سئو گرام چرس ۽ 28 پڙيون ھيرون هٿ ڪيون. نئون ڪوٽ ٿاڻي تي ڄاڻايل اي ايس آءِ جي فرياد تي نائن اي سي اين نارڪو ٽيڪس تحت ڪيس داخل ڪري جوابدار زال مڙس کي لاڪپ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.