جهول جي وظيفي سينٽر تي رشوت جي بازار گرم، عورتون دربدر

جهول(رپورٽ: غلام نبي ملوڪاڻي) شھيد بينظير  ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام سانگهڙ جي آفيس سروي جي عملي سروي لاءِ في ڪارڊ جي رشوت جا ريٽ مقرر ڪري پنھنجي ايجنٽن ذريعي رقم وصول ڪري رھيا آھن. ان سلسلي ۾ سروي لاءِ ايندڙ غريب عورتن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته برسات دوران اسان جا گھر ڪري پيا اسان کي حڪومت پاران اعلانيل 25 ھزار روپيا ڪونه مليا، اسان جڏھن سينٽر تي وياسين ته چيو ويو ته توھان جي سروي ٿيل ناهي آهي، اسان سروي ڪرائڻ سروي آفيس سانگهڙ پھتيون آھيون ته اسان کي اندر نه پيو ڇڏيو وڃي، اسان کي آفيس جي گيٽ تي موجود سروي آفيس جا ايجنٽ رشوت وٺڻ بعد آفيس ۾ ڇڏين ٿا. غريب عورتن شھيد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.