ڄامشوري جي ٻوڏ متاثرن ۾ ٿڌ کان بچاءٌ لاءِ گرم شيون ورهايون ويون

ڪوٽڙي (ن ع آ) پي آر ڊي پاڪستان طرفان ڄامشورو يوسي جي ديھه رائلو جي متاثرن ۾ گرم ڪپڙا، شالون ۽ مڇردانيون ورهايون ويون، پي آر ڊي جي سي اي او مهتاب  سولنگي، آپريشن مئنيجر مير بلوچ ۽ فرح سان گڏجي سامان ورهايو ويو، ان موقعي تي مهتاب سولنگي ٻڌايو ته هن وقت سڄي سنڌ ٻوڏ سبب متاثر ٿي چڪي آهي اسان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ذاتي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون۽ انٽرنيشنل ادارن کي به لکيو آهي جيئن ئي ڪا امداد ملي ته اها ضرورتمندن تائين پهچائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.