ميهڙ ۾ ڳوٺاڻا واهر نه ٿيڻ تي سراپا احتجاج، ڌرڻو، انتظاميا خلاف نعري بازي

ميھڙ (رپورٽ : فراز چنا )ميھڙ جي تعلقي جي يونين ڪائونسل قاضي عارف جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ قاضي عارف، ٿڦڻ ، فقير محمد پيرزادو، ڳوٺ ڄام جوڳرو، ڳوٺ ولي محمد پنھور ، صوبدار پنجابي، سھاڳ،ٻاڙيا پنھور،آڍاڻي، احمد خان چانڊيو،کوندي جي رھواسي ڳوٺاڻن يعقوب مھيسر، شمس الدين چانڊيو، لياقت ڪمانگر،سيد حاجن شاہ،محمد پيرزادو،علي رضا جانوري امتياز شاہ،محمد جوڳرو،سخاوت سوڍر رمضان سوڍر ۽ ٻين ميھڙ- قاضي عارف روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪري واھر نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين اڳيان دانھيندي چيو  ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب اسان جي ڳوٺن ۾ وڏي تباھي ٿي، گھر ۽ مال  متاع لڙھي ويا، فصل تباهه ٿي ويو، پر ھن وقت تائين علائقي جا وڏيرا توڙي تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميه اسان وٽ لڙي نه آيا آھن ،اسان کي نه راشن يا وري ٽينٽ به نه ڏنا ويا آھن سردي جي موسم ۾ اسان کلي آسمان ھيٺ ويٺا آھيون ھنن چيو تہ اسان کي ھٿ وٺي ڀت سان لڳايو ويو آھي ۽ ھن وقت تائين اسان جي ڳوٺن جي سروي به نه ڪرائي وئي آھي جيڪو سراسر ظلم آھي ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته خدا جي واسطي اسان مسڪين ماروئڙن جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.