ٿر ۾ بد امني وڌي وئي، هڪ ئي رات ۾ چوري جون 4 وارداتون

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ اوچتو چور جاڳي پيا آهن،جنهن سبب چورين جو آزار وڌي ويو آهي،گذريل هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن ۾  چوري جا الڳ الڳ چار واقعا پيش آيا آهن،اُنهي سلسلي ۾ مليل رپورٽن موجب ته مٺي شهر جي سراڻ ڪالوني ۾ نامعلوم چور جڳھ اندر داخل ٿي ٽي موبائيل فون چوري ڪري ويا،چيلهار شهر جي بجير پاڙي ۾ نامعلوم چور ڏينهن ڏٺي جو دودو خاصخيلي جي گهر ۾ ڪير نه هئڻ جو فائدو وٺندي 2 تولا سون ٻهاري ويو،ڇاڇري جي ڳوٺ سوکرو ۾ پورهيت هيمون ميگهواڙ جي گهر مان چور چوري ڪري فرار ٿي ويا،چوري جون وارداتون اوچتو وڌي ويون آهن،جنهن سبب رُڳو هفتي ۾ 9 چورين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن،مٺي ۾ چور ٽي ڏينهن اڳ 2 موٽرسائيڪلون چوري ڪري ويا،اسلام ڪوٽ ۾ موبائيل جي دڪان جي ڇت ٽوڙي چور سامان ٻهاري ويا هئا،چيلهار جي سوٽهڙ پاڙي ۾ هڪ گهر مان چور 10 تولا سون چوري ڪري ويا هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.