ٽنڊو آدم ۾ اهلڪار جي پُٽ کي ڪتي ڏاڙھي وڌو،ڪمشنر نوٽيس ورتو

ٽنڊو آدم ( ن ع آ) ٽنڊو آدم ۾ پوليس اهلڪار جي پٽ کي ڇتي ڪتي ڏاڙھي وڌو چھري کي پٽي ڇڏيو شديد زخمي 14 ٽانڪا لڳايا ويا  نازڪ حالت ۾  ڄامشورو ريفر والدين جون اسپتال ۾ رڙيون رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ ڇتي ڪتي حملو پوليس اهلڪار  جي 4 سالن جي معصوم پٽ امجد علي پٽ مريد ساند کي ڏاڙھي سندس چھرو کي پٽي شديد متاثر ڪري ڇڏيو ۽ چھرو تمام گهڻو متاثر ٿيو  ۽ جسم جي ٻين حصن کي شديد زخمي ڪري وڌو جنهن کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم آندو ويو . ڪمشنر جي نوٽيس وٺڻ تي ڪتا مار مهم شروع – عملي رڳو 12ڪتا ماريا مالي بحران سبب في ڪتي تي 50 روپيه انعام مقرر  ڪيو ويو ڪمشنر شھيد بيظير  آباد  ڊويزن رشيد احمد زرداري نوٽيس ورتو ۽ ميونسپل توڙي روينيو عملدارن کي سختي سان هدايتون ڏنيون جنهن کان پوء ميونسپل انتظاميه پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ رڳو 12ڪتا ماريا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.