فنڊز ۾ مبينا هيرا ڦيري تي سنڌ جي 129 يوسيز جا اڪائونٽ سيل

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) سنڌ حڪومت جي 129 يوسيز جا اڪائونٽ  مبينا فنڊز هيراڦيري ڪرڻ سبب سيز، 77 سيڪريٽرين کي هٽايو ويو، سانگهڙ ضلعي جون 28 يوسيز به شامل رپورٽ موجب سنڌ جي مڪاني کاتي پاران مبينا طور  فنڊن ۾ ھيراڦيري ڪرڻ سبب کاتي جي 129 يوسيز جا اڪائونٽ سيز ڪيا ويا آھن ۔ ان سلسلي ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ سنڌ ضمير عباسي جي حڪم تي ڊائريڪٽر لوڪل بورڊ جاويد حسين شاھ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي ۔ جنهن موجب سيز ڪيل اڪائونٽس ۾ ضلعي سانگهڙ جون 28 يوسيز ڳجهڙو ، دين محمد ورياھ ، چوٽياريون ، پير خيرو ، دڙو بازار ، قاضي فيض محمد راڄڙ ، شاھ سڪندر آباد ، گجري، مياڻ ، سيٺارپور ، هٿونگو ، بهرم بري ، بانڪو چانهيون سميت ٻيون شامل آھن ۔ نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ جي 77 سيڪريٽرين کي پڻ پنهنجن عهدن تان ھٽايو ويو آھي ۽ رپورٽ ڪرايو ويو آھي ۔ ٻڌايو پيو وڃي ته هٽايل سيڪريٽرين مان گهڻن وٽ هڪ کان وڌيڪ چارجون هيون يا سندن اپائنمينٽ سميت ڪاغذ شڪي آھن جن جي پڻ جاچ پڙتال ڪئي ويندي ۔ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ جي اهڙي نوٽيفڪيشن کانپوء يوسي سيڪريٽرين ۾ ٿرٿلو متل آھي ۽ اهي پاڻ بچائڻ لاء هٿ پير هڻي رهيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.