ڊي سي نوابشاهه سوئيٽ هوم جو دورو، ٻارڙن سان ملاقات

نوابشاهه­(ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنرشهيد بينظيرآباد شهريار گل ميمڻ  پاڪستان بيت المال جي تعاون سان هلندڙ سوئيٽ هوم نوابشاھه جو دورو ڪري  ٻارڙن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرچيو ته پاڪستان بيت المال بي سھارا، بي پہچ ۽ يتيم  ٻارن کي سھارو ڏئي بهترين ڪم ڪري رهيوآهي وڌيڪ چيو ته هي ٻار اسان جا پنهنجا ٻار آهن جنهن لاءِ ضلع انتظاميان پاران ھن اداري سان يتيم ٻارن جي ڀلائي لا ھرممڪن تعاون ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنرسرندي وارن ماڻھن کي اپيل ڪئي ته هو پڻ هن اداري ۽ ٻين ڀلائي جا ڪم ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن ۽ انهن جي مدد ڪن ته جئين يتيم ۽ بي سهارا ٻارن کي زندگي جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري کين معاشري ۾ برابري وارا حق ڏئي سگهجن.

  •  سيٺارجا لڳ مسجد مان بيٽري چوري ڪندي 2 چور پڪڙجي پيا

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد صادق ڪٻر جي مسجد مان ڏينهن ڏٺي جو معشوق علي ولد خادم حسين ڪلهوڙو ۽ اظهار علي ڪلهوڙو بيٽري چوري ڪندي پڪڙي پيا جيڪي احمد پور جي سيد محلا جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن ڳوٺاڻن  پاران چورن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو سيٺارجا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ جي مسجد مان بيٽري چوري ڪندي پڪڙيا آهن وڌيڪ حراست ۾ ورتلن کان جاچ هلندڙ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.