لاڙڪاڻي مان فرنچائيز تان ٿيل ڦر جا سي سي ٽي فٽيج ظاهر

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري ريگيوليٽر ڀرسان قائم خانگي موبائل ڪمپني جي فرنچائيز ۾ هڪ ڏينهن اڳ 2 لک 68 هزار روپيه ڦر ڪرڻ واري واقعي جا سي سي ٽي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا آهن جنهن ۾ واقعي کان اڳ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٻٽ ٻڏل ۽ ماسڪ پاتل ڦورو فرنچائيز ۾ داخل ٿيل ڪائونٽر تي ويٺل فرنچائيز جي ڪسٽمر ڪيئر آفيسر غلام الله ڀٽو ۽ پٽيوالي حيدر علي چنه کي هٿيار ڏيکاري کيس يرغمال بڻائي ڪائونٽرن ۾ پيل روڪ رقم جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد ملازم مٿان هٿيار سڌا ڪري کيس ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ رقم جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي فرار ٿي رهيا آهن. ٻئي پاسي واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس سي سي ٽي فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ ڦورن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جا سي سي ٽي فوٽيجز هٿ ڪري مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد ڦورن جي سڃاڻپ ٿي ويندي جن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان تحفظ جي گهر ڪئي،واضع رهي ته هڪ ڏينهن اڳ چئن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فرنچائيز آفيس ۾ گهڙي ٻن ملازمن غلام الله ڀٽو ۽ حيدر علي چنه کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 2 لک 68 هزار روپيا ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.