ڀٽ شاهه ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

ڀٽ شاھ( رپورٽ ارشاد علي ٻگھيو )  ڀٽ شاھ جي دنبوراچوڪ ڀرسان پراسرار نموني فوت ٿيل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي درگاھ تي زيارت لاءِ  آيل نامعلوم شخص جو دنبوراچوڪ ڀرسان لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويواطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي ڀٽ شاھ جي صحت مرڪز پهچايو آهي لاش جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي پراسرار نموني فوت ٿيل نوجوان جو لاش اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ پيل آهي شهرين جو چوڻ آهي ته نوجوان کي ٻن ڏينهن کان درگاھ تي ڏٺو ويو هو ٿي سگهي ٿو بيمار رهندو هجي مگر ان وٽان سڃاڻپ ڪارڊ به نه مليو آهي جنهن ڪري ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ٻي پاسي پوليس ۽ ڊاڪٽرن طرفان به اڃان تائين ان جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.