حيدرآباد ۾ ڦر جون وارداتون، ڌار ڌار واقعن ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ٿاڻي ھٽڙي ۽ بلديه جي  حدن ۾ چوري ۽ ڦرلٽ جي واقعن ۾ تي ضابطو نه اچي سگھيو، ڌار ڌار واقعن ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل، ھٽڙي ٿاڻي جي حد سويرا سي اين جي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ھٿياربندن پنجاب کان آيل مسافر 20 ورھين جي عرفان آرائين ۽ 18 ورھين جي شيروز آرائين کان ڦر ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي ٻنھي مسافر نوجوانن کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو. زخمي مسافر نوجوانن کي اسپتال پھچايو. جڏهن ته بلديه ٿاڻي جي حد اسلاميه ڪالوني گھمڻ آباد ھالا ناڪا نانا بابا قبرستان ويجھو اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن رستي ويندڙ ٻن نوجوانن مٿان اوچتو فائرنگ شروع ڪئي، جنھن ۾ ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن ۾ 30 ورھين جو سلطان احمد ۽ 28 ورھين جو عثمان احمد شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.