لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 10 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون  ڪندي پوليس مقابلن، منشيات فروشي جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ سرگرم 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان غير قانوني هٿيار، منشيات، هڪ لک روڪ رقم، موبائل فون ۽ سولر پليٽ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ حيدري پوليس چيڪنگ دوران گهربل جوابدار محمد علي سولنگي کي بغير لائسنس ريوالور ۽ گولين سميت، علي گوهر آباد پوليس گشت دوران گهربل جوابدار سجاول شيخ کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، سي آءِ اي پوليس علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 7 جوارين بدر علي، نياز، نظام الدين، رياض، مظهر،غلام نبي ۽ لقمان کي جوا جي 54 هزار روپين سميت سميت ۽ دڙي پوليس منشيات فروش عرفان جروار کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي وليد پوليس شهري حاڪم علي گوپانگ جي چوري ٿيل موبائيل فون، دڙي پوليس شهري بشير احمد کان ڦر ڪيل 50 هزار، عبدالرسول شيخ جي چوري ٿيل سولر پليٽ ۽ حيدري پوليس شهري ثناءَ الله لهر جي چوري ٿيل موبائيل فون هٿ ڪري ورتي آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.