برسات تباهي آندي، حڪومت ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو: شھريار مھر

شڪارپور (ڊ ر) برسات ۾ سموري سنڌ ۾ وڏي تباھي آئي آهي پر سنڌ سرڪار متاثرن جي بحالي ۽ ريسڪيو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي  آھي ، پ پ حڪومت برسات متاثرن لاءِ آيل اربين روپين ۾ ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ حڪومت اعلان ڪيو هو ته ھارين کي ربيع جي پوکائي جي لاءِ ٻج ڏنو ويندو موسم ختم ٿيڻ واري آھي پر ھارين کي ٻج ناھي ڏنو ۽ نه وري سنجيدگي ڏيکاري پئي. ڪراچي ۾ جيڪو ايم ڪيو ايم کي سياسي نقصان پھتو آھي، اھو پ پ الائنس جو نتيجو آھي. پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندي، سنڌ ۾ خاص ڪري اتر سنڌ ۾ چوري ڦر اغوا قتل ۽ قبيلائي دھشتگردي روز جو معمول بڻيل آهي. اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي ايم پي اي شھريار خان مھر خانپور پھچي پريس ڪلب خانپور جي اڳوڻي صدر ۽  سينيئر صحافي الطاف لاڙڪ سان سندس جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.