قمبر ۾عدالت طلبي، ڊي ايڇ او هيلٿ ڊائريڪٽر سميت پهتو

قمبر ( ت ر) قمبر جي ازخود نوٽيس تي ڊائريڪٽر ۽ ڊي ايڇ او عدالت پهچي ويا، ڊائريڪٽر هيلٿ اڙڪاڻو رستم ڀٽو، ڊي ايڇ او قمبر شهدادڪوٽ ذوالفقار علي تنيي ۽ ايم ايس قمبر اسپتال سعيد احمد تنيي ڪورٽ پهچي جواب جمع ڪرايو. جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ قمبر اسپتال جي ايس اين اي وزير اعلي سنڌ منظور ڪري ورتي هئي، جنهن ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي ضلعي جو درجو ملڻ سان لکن جي آبادي کي صحت جون سهولتون ملي سگهنديون، سوين نوڪريون ملنديون اھڙي سمري هن وقت فنانس ڊپارٽمينٽ وٽ پيل آهي. ان تي سيشن جج زاهد حسين ميتلو فنانس ڊپارٽمينٽ کي نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو آهي. ته 23 نومبر تي پيش ٿي فنانس ڊپارٽمينٽ پنهنجو جواب جمع ڪرائي. ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج زاهد حسين ميتلو عوامي شڪايتن تي  قمبر جي سرڪاري اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ملڻ تي ازخود نوٽيس ورتو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.