ننگرپارڪر لڳ نوجوان هلڻ ڦرڻ کان لاچار، ڪٽنب فاڪاڪشي تي مجبور

مٺي(بيوروچيف) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سومار جو رهواسي نوجوان ممتاز ولد محسن راهمون جو اڌ جسم سڪي ويو آهي،  ڪيترئي وقت کان بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب پنج کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي ۽ بستري تي بيوس پيل آهي غربت سبب سٺو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي جڏھن ته ڳوٺاڻا  ڳوٺ مان چندو  ڪري هڪ ڀيرو  حيدرآباد وٺي ويا پر پوء مڪمل علاج نه ٿي سگهيو  ممتاز کي صرف 2 نياڻين هڪ معصوم پٽ جو اولاد آهي ڪير به گهر ۾ ڪمائڻ وارو ناهي علاج ته پري جي ڳالھ پر هو  اٽو وٺڻ تي مجبور آهن ان سلسلي ۾ سندس معصوم نياڻين  صحافين آڏو روئندي چيو ته  اسان مسڪين  آهيون اسان جو ڪوبه ڪمائڻ واروناهي اسانجون پيءَ بيماري وگهي کٽ تي پيل آهي اسان ڪٿان پئسا آڻيون جو هن جو علاج ڪرايو  گهر ۾کائڻ لاءَ ڪجھ ناهي   علاج ڪٿان ڪرايون ڳوٺ وارن هڪ ڀيرو علاج ڪرايو پر هاڻي وڌيڪ علاج جي ضرورت آهي وس وارن کي گهرجي ته اسانجي سهائتا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.