جيڪب آباد ۾ سنڌ بلنڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارروائي، 15 دڪان ڊاهي پٽ

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي شوڪت الرحمان ڀنگر جي نگراني ۾ ٽاور روڊ تي قائم 15 دوڪانون جن جي حالت انتهائي ڪمزور هئي جنهن جي ڪري مسمار ڪيون ويون انھي موقعي تي  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي شوڪت الرحمان ڀنگر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دوڪانن جي حالت انتهائي ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ ڪنهن به وقت وڏو حادثو رونما ٿي سگهي پيو عدالت جي فيصلي بعد ان دڪانن کي ڊاهي مسمار ڪيو ويو ، انھي موقعي تي دڪانن جي مالڪ منير احمد بلوچ چيو ته اها پراپرٽي منهنجي ڏاڏي 1957 ۾ خريد ڪئي هئي جنهن بعد اهي دوڪانون تعمير ڪيون ويون هيون ۽ هر دڪان پٺيان هڪ دروازو ٺاهيو ويو هو دوڪانون مڪمل زبون حال ٿي چڪيون هيون ۽ ڪنهن به وقت ڪرڻ جو خدشو هو پر ڪرائي دار دوڪانون خالي نه ڪرن پيا. 10 سالن کان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي طرفان مون کي نوٽيس جاري ڪيا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.