دادلو جي مخلتف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، گهر ڊهي پيا

مھيسرو ( ن ع آ ) پنوعاقل جي يوسي دادلو جي ڳوٺ عبدالوھاب کوھارو،واليڏنو کوھارو، ڪوڙو خان ڪورائي سميت مختلف ڳوٺن ۾  برسات تباھي مچائي ڳوٺاڻن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا هئا جنھن کان پوءِ ڳوٺاڻا پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد پنھنجي گھرن جي مرمت ڪري پنھنجي زندگي ذاتي گھرن ۾ گذاري سگھن پر ايڊمنسٽريٽر يوسيز عبدالله جھلڻ ذڪر ٿيل ڳوٺن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب ڳوٺاڻا سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، متاثرن ايڊمنسٽريٽر تي ڇتي تنقيد ڪندي پنوعاقل تڪ تان چونڊيل ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه،صوبائي وزير ڄام اڪرام کي اپيل ڪئي آهي ته نااھل ايڏمنسٽريٽر کي هٽايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.