گهوٽڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گھوٽڪي ويجھو عادلپور ٿاڻي جي حد کڏواري ڀرسان ڳوٺ علي بخش ڪلھوڙو ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ واهي جي  ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران  لٺيون ۽ ڪھاڙيون  لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن  زخمين ۾ حافظ محمد جابر ڪلھوڙو،محمد صابر ڪلھوڙو،عبدالوحيد ڪلھوڙو،عبدالستار ڪلھوڙو ۽ عبدالوھاب ڪلهوڙو شامل آهن،زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو،هوڏانهن هنن اسپتال ٻاهريان احتجاج ڪندي چيو ته پاڻي جي معاملي تان هنن هروڀرو اسان جهيڙو ڪيو آهي اسان ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.