عثمان شاهه هڙي لڳ ناري مبينا طور اغوا، ڪيس داخل، وارثن جو احتجاج، انصاف جي گُهر

عثمان شاھ ھڙي ( ن ع آ ) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڳوٺ عبدالڪريم ميرجت مان مسمات خاتون ڌيءَ عبدالڪريم ميرجت کي جوابدار، دلبر ميرجت ، عرفان ، بلاول ميرجت ۽ انب ميرجت ھتيارن جي زور تي گھر مان  اغوا ڪري ويا آهن جڏهن ته ناري جي ڀيڻ جي فرياد تي جوابدارن خلاف عمر ساند ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ٻي طرف اغوا ٿيل ناري جي ڀيڻ نوازادي صحافين کي ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ ھٿيارن جي زور تي منھنجي ڀيڻ مسمات خاتون ڌيءَ عبدالڪريم ميرجت کي اغوا ڪيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ٻي پاسي اھو پڻ معلوم ٿيو آھي ته اغوا ڄاڻايل ناري مسمات خاتون ميرجت پنھنجي برادري جي نوجوان عرفان ميرجت سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي. جڏهن ته وڌيڪ جانچ جاري پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.