لاڙڪاڻي ۾ ڪتن 16 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، زخمي اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار، رولو ڪتن وڌيڪ 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 22 سالن جو شڪيل، 30 سالن جو آزاد علي، 35 سالن جي رضيه خاتون، 60 سالن جي خاتون ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين لڳائي ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ان حوالي سان اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيلن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن کي بروقت ويڪسين لڳائي ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.