موهن جو دڙو جا ماڳ ڏسڻ لاءِ اٽلي ۽ سوئيزر ليڊ جو وفد پهتو

موهن جو دڙو ( ن ع آ ) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي اٽلي ۽ سوئيزرلينڊ جو گڏيل طور تي 15 ڄڻن جو پرڏيهي وفد موهن جي دڙي جو دورو  ڪيو،جڏھن ته اٽلي کان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 15 ڄڻن تي مشتمل سياحن جو پرڏيهي وفد موهن جو دڙو پهتو،اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ٻين تهذيبي آثارن جو دورو ڪيو جڏھن ته اٽلي ۽ سوئيزر لينڊ کان 15 ڄڻن جو وفد مس تانيڪا جي اڳواڻي ۾ ماڳ تي پهتو،پرڏيهي سياحن جي وفد جي دوري وقت انتظاميا طرفان قديم ماڳ تي سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ٻيا تهذيبي آثار گهمي ڏٺا.وفد ۾ 9 مرد ۽ 6 عورتون شامل هيون.ان موقعي تي پرڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ مس تانيڪا ميڊيا کي ٻڌايو ته موهن جو دڙو ڏسي حيرت ٿي آهي ڇاڪاڻ ته هنن ڪتابن ۾ ننڍڙو موهن جو دڙو ڏٺو.هتي اچي خبر پئي ته هي ماڳ ميلن ۾ ڦهليل آهي.هن چيو ته ماڳ ڏسي ڪافي مشاهدو ٿيو آهي ۽ ماڳ بابت وڌيڪ ڄاڻ به ملي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.