ڇا اوهان کي چپس پيڪٽ اڌ خالي هجڻ جو سبب معلوم آهي؟

اڪثر ماڻهن کي چپس پسند هوندي آهي پر پيڪٽ اڌ خالي ڏسي مايوسي ٿيندي آهي. حقيقت ۾ ڪمپني واهپيدار کي ڌوڪو ناهي ڏيندي پر ان جو هڪ اهم ڪارڻ هوندو آهي.

اڌ خالي پيڪٽ لاءِ سليڪ فل جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن جو مطلب آهي ته ڪنهن پراڊڪٽ کي ڄاڻي واڻي خالي رکڻو آهي.

ان جو بنيادي مقصد چپس جي مدي کي وڌائڻ ۽ واهپيدار جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ خراب ٿيڻ کان بچائڻ آهي.

جيئن پيڪٽ ۾ خالي جڳهه نه رکجي ته امڪان آهي واهپيدار وٽ پهچندي پهچندي چپس اٽي جهڙي ٿي وڃي.

چپس ۾ هواءِ ناهي ڀري ويندي پر ان ۾ نائيٽروجن گيس استعمال ڪئي ويندي آهي ته جيئن چپس تازي رهي.

جيئن پيڪٽ ۾ نائيٽروجن گيس نه ڀرجي ۽ آڪسيجن ئي استعمال ٿئي ته چپس نمي جو شڪار ٿي ويندي جنهن جو تجربو پاڻ واهپيدار به ڪري سگهي ٿو. پيڪٽ کولڻ جي هڪ ڏينهن بعد ان کي واپرائڻ سان اندازو ٿي ويندو.

نائيٽروجن هڪ قدرتي گيس آهي جيڪا انساني صحت کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه رسائيندي.

1994 جي تحقيق ۾ ماهرن کي ڄاڻ ملي هئي ته نائيٽروجن نه رڳو چپس جي مدي ۾ واڌ ڪندي آهي پر ان کي ذائقيدار به ڪندي آهي.

نائيٽروجن نه رڳو چپس کي تازو رکندي پر جيوڙن جي روڪٿام لاءِ به ڪم ڪندي.

آڪسيجن ۾ بيڪٽريا جي افزائش ۾ واڌ ٿيندي آهي ۽ نائيٽروجن بيڪٽيريا کي وڌڻ کان نه رڳو روڪيندي آهي پر ختم ڪري ڇڏيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.