ميهڙ: يوسي قاضي جي عارف جي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ڳوٺ قاضي عارف، ٿڦڻ ، فقير محمد پيرزادو، ولي محمد پنھور ۽ صوبدار پنجابي سوڌو مختلف ڳوٺن جي رهواسين قاضي عارف روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ يعقوب مھيسر، شمس الدين چانڊيو، لياقت ڪمانگر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب سندن ڳوٺ ۾ وڏي تباهي آئي پر ڪو به چونڊيل نمائندي توڙي انتظامي ماڻهو لڙهي ناهي آيو.

سندن چوڻ هو ته واهر نه ٿيڻ سبب بکن ۽ بيمارين ۾ کليل آسمان هيٺ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڳوٺن جي سروي به نه پئي ڪرائي وڃي، جيڪو ظلم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.