هي احتياط نه ڪرڻ سان اسمارٽ فون اوهان کي بيماري ڪري سگهي ٿو

ماڻهو روزانو سمارٽ فون استعمال ڪندا آهن تازي تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته سمارٽ فون جو استعمال بيمارين جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.

ماهرن ٻڌايو آهي ته هر ڏينهن اڪثر ماڻهو اسمارٽ فون کي ٻه هزار ڀيرا ڇهندا آهن جيڪا عادت کين مختلف بيمارين جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.

اها دعويٰ نئين طبي تحقيق ۾ ٿي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب تحقيق ۾ ڄاڻ ملي آهي ته سمارٽ فونز الرجي جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ ان کان بچڻ جو بهترين طريقو فونز جي اڪثر صفائي ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ مختلف ايجنٽس جيئن فنگس ۽ پالتو جانورن جا بيڪٽيريا وغيره آهن.

ان تحقيق ۾ مختلف سمارٽ فونز ماڊلز ۾ ماهرن الرجي جو باعث بڻجندڙ عنصر مثال بيٽا گلوڪين ۽ اينڊو ٽوڪسن جي سطح ۾ واڌ کي جاچيو.

ماهرن ٻڌايو ته بي ڊي جي فنگل خليات ۾ هوندا آهن ۽ ساهه ۾ مسئلي جو سبب پڻ آهن.

جاچ ۾ چيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن مانهو کي الرجي جو امڪان هجي يا ساهه منجهڻ جو مسئلو هجي ته اسمارٽ فون کي اڪثر صاف ڪرڻ گهرجي جيئن الرجي يا ساهه منجهڻ جي دوري کان بچي سگهي.

ماهرن ٻڌايو ته تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته الرجي جو باعث بڻجندڙ مواد جڏهن ساهه ذريعي جسم ۾ پهچندو آهي ته اهڙو مدافعتي ردعمل متحرڪ ٿيندو آهي جيڪو هاڃيڪار هوندو آهي.

هنن چيو ته جنهن کي ساهه منجهڻ جي تڪليف هجي يا الرجي هجي ته اهو فون کي صاف سٿرو رکي.

ماهرن موجب الرجي جو ڪارڻ بڻجندڙ عنصر هر جڳهه جيئن وارن، ڪپڙن ۽ هتين ۾ موجود هوندا آهن ته انهن جو اسمارٽ فونز ۾ هجڻ حيرت جوڳو ڳالهه ناهي.

هن ٻڌايو ته جيئن فون کي ڇهڻ بعد اکين، نڪ يا منهن کي ڇهندا آهيون ته الرجي جو سبب بڻجندڙ عنصر نڪ، نڙي يا اکين ۾ اچي ويندا آهن.

هنن وڌيڪ ڄاڻ ڏني ته فونز کي مختلف جڳهن تي رکندا آهيون جنهن جي ڪارڻ ان ۾ مختلف قسم جا ذرا شامل ٿيڻ عام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.