ارشد شريف قتل ڪيس: ڪينين اختيارين جو نئون بيان سامهون اچي ويو

نئروبي (ويب ڊيسڪ) ارشد شريف قتل ڪيس بابت ڪينين اختيارين جو نئون بيان سامهون اچي ويو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڪينيا جي حڪومتي اهلڪارن ٻڌايو ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ 5 ڪردار تمام گھڻا اهم آهن جن خلاف جاچ جو دائرو آهي.

ڪينين اختيارين موجب ارشد شريف قتل ڪيس ۾ 3 پوليس اهلڪارن کانسواءِ خرم ۽ وقار جي خلاف جاچ دائرو آهي پر خرم، وقار پوليس سان تعاون ڪري رهيا آهن يا ڪي ثبوت ڏنا آهن، ڪجهه نٿا ٻڌائي سگھون.

سينيئر حڪومتي ميمبر جو چوڻ هو ته شروعاتي رپورٽون گذريل هفتي پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيون آهن ڪينيا اختيارين رپورٽ ڊاڪٽر اطهر وحيد کي ڏني آهي.

ڪينين حڪومت جو موقف آهي ته ارشد شريف قتل جي حوالي سان رپورٽ پبلڪ ڪرڻ بابت فيصلو پاڪستان ۽ ڪينيا جي ٽيم گڏجي ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.