سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقررڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا سڀاڻي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

ٽي رڪني بينچ ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن.

ايڊووڪيٽ ڪامران مرتضيٰ لانگ مارچ خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي.

ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جي باوجود پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جاري آهي ۽ هو ان کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.