عمران خان ڀلي ڪيس داخل ڪري، رڪارڊ سامهون اچي ويندو: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته توشا خانا تحفن جي وڪري تي سٺي ڳالهه آهي ته عمران خان ڪيس ڪري، سڄو رڪارڊ سامهون اچي ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان پنهنجي فائدي لاءِ توشا خانا جي قانون ۾ تبديلي ڪئي، فرح گوگي جا ڪيس ختم ڪرايا، پئسا ڪٿان آيا؟ مني لانڊرنگ ٿي؟ پتو لڳائڻ گهرجي، هاڻ اهي معاملا عدالت ۾ ايندا، گارگند ڪرڻ سان معاملو ختم نه ٿيندو، حڪومت ان معاملي کي کڻي هلندي.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي مخالفن تي الزام هنيا ۽ ڪيس ڪيا، سندس ڪرپشن نئون سلسلو ناهي، هن ٻاهرين سازش جو الزام هنيو، چيائين ته غلامي قبول نه ڪنداسين پر هاڻ هر ڳالهه تان ڦري ويو آهي، هي شخص فوج جي اعليٰ آفيسرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو، گڏوگڏ انهن کي آڇون به ڪندو رهيو.

سندس موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ثابت ٿيو ته هن خردبرد ڪئي آهي، عمران خان ملڪ جي وقار کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، فرح گوگي ٻاهر ويهي به پنجاب جي سياست تي اثرانداز ٿي رهي آهي، فرح گوگي جو هر هر نالو ڇو اچي رهيو آهي؟ سڀني سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.

خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ايف آءِ آر داخل نه پئي ٿئي ته وفاقي حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه، ايف آءِ آر داخل نه پئي ٿئي ته پرويز الاهي کان پڇو، عمران خان تي حملو ڪندڙ پڪڙيو ويو آهي، ڪارروائي ڇو نه ٿي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.