توشا خانا هجي يا قومي خزانو حڪمران جو رويو سدائين مجرماڻو رهيو: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته توشا خانا ۽ قومي خزاني لاءِ حڪمرانن جو رويو سدائين لاءِ مجرماڻو رهيو ۽ حڪمران اشرافيا جي نالي پاناما ليڪس ۽ پنڊورا پيپرز جي زينت بڻيا.

اهڙو اظهار جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق وزير اعظمن کي ملندڙ تحفن جي غيرقانوني وڪري بابت تبصرو ڪندي ڪيو، هن چيو ته اقتدار جي ايوانن کان اهڙيون ڪهاڻيون منظرعام تي اچي رهيون آهن ته ملڪ دنيا ۾ تماشو بڻجي ويو آهي.

هن چيو ته حڪمرانن اربين رپين جو قرض کنيا ۽ معاف ڪرايا.

سراج الحق جو چوڻ هو ته حڪمران پارٽيون جمهوريت جي مضبوطي چاهين ته سنجيدگي ڏيکارين پر پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ جي سياست ته آرمي چيف جي مقرري جي ڀرسان گهمي رهي آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو هڪ ئي رستو آهي پر چونڊن کان اڳ سڌارا ضروري آهن، اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظاميا لحاظ سان خود مختيار بڻائڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.