لاهور ۾ ڊرون جهاز ڪري پيو، پوليس مالڪ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ٺوڪر نياز بيگ ۾ اورنگ لائن ٽرين ٽرمينل ڀرسان ڊرون جهاز ڪري پيو.

پوليس موجب ڊرون جهاز هيٺان ڪيمرا نصب آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊرون جي چيڪنگ ڪئي پر ڊرون ۾ ڪو بارودي مواد نه مليو، ڊرون ٺوڪر نياز بيگ جي علائقي ۾ اورنج لائن ٽرين ٽرمينل ڀرسان ڪريو.

لاهور پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سينيئر پوليس آفيسرن ۽ لاڳاپيل ادارو موقعي تي موجود آهي. لاڳاپيل ادارو ثبوتن جي بنياد تي ريموٽ ڪنٽرول جهاز جو جائزو وٺي رهيو آهي. سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر واقعو جو نوٽيس وٺندي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سي سي پي او جي هدايت موجب ايس پي صدر ڊاڪٽر رضا تنوير جي سربراهي ۾ چوهنگ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي جهاز جي مالڪ حمد کي گرفتار ڪري سمورن رخن کان جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي.

ايس پي انويسٽيگيشن صدر ڊاڪٽر رضا تنوير جو چوڻ آهي ته فرانزڪ رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

ٻئي پاسي ڊرون جهاز جي گرفتار مالڪ حامد موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊرون جهاز جو مڪينڪ آهيان ۽ ٽيسٽ اڏام لاءِ جهاز اڏايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.