پاڪستاني عورتون گهڻا ڪلاڪ واٽس ايپ استعمال ڪن ٿيون؟ : سروي

هڪ تازي سروي موجب پاڪستان ۾ تازن ڏينهن ۾ سٺ سيڪڙو ماڻهو ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ واٽس ايپ استعمال ڪندا آهن.

اربع ڏهاڙي گيلپ اينڊ گيلاني جي سروي جي نتيجن موجب عورتون مردن کان وڌيڪ واٽس ايپ استعمال ڪنديون آهن.

سروي ۾ سڄي ملڪ مان مردن ۽ عورتن کان پڇا ڳاڇاڪئي وئي ته گذريل ڏينهن بابت سوچي ٻڌائين ته ڏينهن جو ڪيترو حصو واٽس ايپ تي گذاريندا آهن.

ان سوال جي جواب ۾ 40 سيڪڙو ماڻهن موجب انهن واٽس ايپ استعمال ئي ناهي ڪيو جڏهن ته 19 سيڪڙو هڪ ڪلاڪ، وڌيڪ 19 سيڪڙو ٻه ڪلاڪ، 3 سيڪڙو ٽئي ڪلاڪ ۽ وڌيڪ 3 سيڪڙو چار ڪلاڪ واٽس ايپ استعمال ڪندي گذاريا.

سروي موجب 5 سيڪڙو ماڻهو پنج ڪلاڪ جڏهن ته 11 سيڪڙو 5 ڪلاڪ تائين واٽس ايپ استعمال ڪرڻ بابت جواب ڏنو.

سروي موجب مرد ٽي ڪلاڪ واٽس ايپ استعمال ڪندا آهن جڏهن ته عورتون انهن جي ڀيٽ ۾ پنج ڪلاڪ روزانو واٽس ايپ جو استعمال ڪنديون آهن.

عمر ۾ واڌ سان واٽس ايپ جي استعمال ۾ کوٽ ايندي آهي. جيئن ته 18 کان 23 سالن جي عمر وارا نوجوان روزانو 7 ڪلاڪ جڏهن ته 24 کان 30 سالن جا ماڻهو 3 ڪلاڪ، 31 کان 40 سالن جي عمر جا ماڻهو 4 ڪلاڪ ۽ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو روزانو ٻه ڪلاڪ واٽس ايپ استعمال ڪندا آهن.

اهو سروي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ٻهراڙي ۽ شهري آبادي جي 1051 مردن ۽ عورتن تي ڪيو ويو. ان سروي ۾ غلطي جي گنجائش ٻه کان ٽي سيڪڙو هوندي. گيلپ موجب ان سروي جو طريقو فون انٽرويو هو جيڪو 29 آڪٽوبر کان 2 نومبر 2022 جي وچ ۾ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.