فلم ”پنڊي ايڪسپريس“ ۾ شعيب اختر جو ڪردار ڪير ادا ڪندو؟

پاڪستاني فلم ”پنڊي ايڪسپريس“ ۾ دنيا جي فاسٽ بالر شعيب اختر جي زندگي کي موضوع بڻايو ويو آهي.

پاڪستاني اداڪار ۽ ڳائڻو عمير جسوال اربع تي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اعلان ڪيو ته هو شعيب اختر جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ”راولپنڊي ايڪسپريس“ ۾ فاسٽ الي جو ڪرداراداڪندو.

عمير جسوال ان موقعي تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته مختلف ماڻهن کائنس پڇيو ته ان فلم جو ٽيزر ڪڏهن ريليز ٿيندو.

ارسل ايندڙ پاڪستاني فلم لاءِ خوشيءَ جواظهار ڪندي چيو ته هو ان فلم جو انتظار ڪري رهيو آهي.

حنا خان لکيو ته اميد ڪريون ٿا فلم سٺي هوندي.

دانيال احمد ان پروجيڪٽ تي شعيب جي راءِ ڄاڻڻ چاهي ته لکيائين انتظار رهندو.

47 سالن جي شعيب اختر کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.

رپورٽ موجب مختلف ڪرڪيٽ فينز شعيب اختر جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جي تاريخ پڇي ته ٻڌايو ويو فلم 16 نومبر 2023 تي ريليز ٿيندي.

اها فل ان لاءِ اهم آهي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن پاڪستاني رانديگر تي ڪا انٽرنيشنل فلم ناهي ٺاهي وئي.

ان کانسواءِ جولاءِ جي مهيني ۾ شعيب اختر ان فلم بابت پرجيڪٽ جو اعلان ڪيو هو.

فينز لاءِ ”اهڙي سواري جيڪا پهريون ڪڏهن به نه ڪئي هوندي“ جو جملو استعمال ڪندي هن چيو ته اها ڪنهن پاڪستاني رانديگر تي ٺهندڙ پهرين عالمي فلم هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.