پي ٽي آءِ عمر فاروق خلاف دبئي ۾ قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه جا تحفا خريدڻ جي دعويٰ ڪرڻ واري عمر فاروق ظهور خلاف دبئي ۾ قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمر ظهور نالي ڪنهن به همراهه کي گهڙي وڪرو ناهي ڪئي وئي،نه ئي گهڙي کپائڻ لاءِ فرح خان جي حوالي ڪئي وئي.

فواد چوڌري چيو ته اها گهڙي اٽڪل 10 ڪروڙ رُپين جي هئي، قانون موجب ويهه سيڪڙو ادا ڪري اهو تحفو عمران خان خريد ڪيو، ان تحفي کي کپائڻ کانپوءِ رقم گوشوارن ۾ پڻ ظاهر ڪئي وئي هئي.

فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته عمر ظهور جا ٽي ڀائر ناروي جي جيل ۾ آهن، عمر ظهور تي پڻ ڪرمنل ڪيسز آهن، هو جعلي دستاويزن تي پنهنجن ٻارن کي دبئي وٺي ويو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري چيو ته توشه خانه جون گاڏيون آصف زرداري ۽ نواز شريف وٽ  به موجود آهن.

ذلفي بخاري چيو ته جنهن ڊيلر گهڙي 5 ڪروڙ 70 لک ۾ خريد ڪئي ان اڳتي 6 ڪروڙ  ڏهن لکن ۾ کپائي.

جنهن ڊيلر کي گهڙي وڪرو ڪئي وئي اهو اڄڪلهه ملڪ مان فرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.