عمران خان قلم ۾ جڙيل هيرو ڪيتري ۾ خريد ڪيو ۽ کپايو؟ حقيقتون سامهون اچي ويون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنيئير صحافي شاهه زيب خانزادا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشه خاني مان ورتل سعودي تحفي بابت وڌيڪ حقيقتون سامهون آنديون آهن.

رپورٽ موجب عمران خان توشا خانه ۾ ورتل پين ۾ جڙيل هڪ هيرو رڳو 275 رُپين جي حساب سان خريد ڪيو ۽ پنج سئو رُپين ۾کپائي ڇڏيو .

هن هڪ هيري جي قدر جو اندازو رڳو 1000 رُپيا لڳايو ۽ 1466 هيرن سان جڙيل هڪ پين جي قيمت جو اندازو رڳو 15 لک رُپيا لڳايو.

عمران خان پين 20 سيڪڙو رقم ادا ڪري يعني 3 لک رُپين ۾ خريد ڪئي ۽ ساڍن ست لک رُپين ۾ کپائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.