ملڪ ۾ سون جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي في تولي ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به قيمت هڪ هزار اٺ سئو پنجاهه رُپيا وڌي وئي آهي.

سنڌ سونارا جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1850 رُپين جي واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولو سون هڪ لک 58 هزار 850 رُپيا ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جو مُلهه 1586 رُپين جي واڌ سان هڪ لک 33 هزار 188 رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه ست ڊالر واڌ سان 1782 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.