سام سنگ گليڪسي ايس 23 جي ڪيمرا رزلٽ واهپيدارن کي ڇرڪائي ڇڏيو

ڏکڻ ڪورين اسمارٽ فون ڪمپني ”سام سنگ“ هلندڙ سال جي آخر يا وري ايندڙ سال جي شروعات ۾ پنهنجو سڀ کان بهترين فون ”گليڪسي ايس 23“ متعارف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪيمرا جو رزلٽ ڏسندڙ ماڻهو ڇرڪي پيا.

هن وقت تائين ”گليڪسي ايس 23“ متعارف ناهي ٿيو جڏهن ته خبرون اچي رهيون آهن ته هن ڀيري فون ۾ 200 ميگا پڪسل جو مين ڪيمرا هوندو ۽ اهو ڪيمرا جديد ٽيڪنالوجي ۽ سينسرز سان ليس هوندو، جنهن جو رزلٽ آءِ فون جي ڪيمرا کان به بهتر آهي.

گليڪسي ايس 23 جي فيچر ۽ متعارف ڪرائڻ جي تاريخ بابت سام سنگ ڪمپني جو اعلان ناهي ڪيو، جڏهن ته پرڏيهي خابرو اداري موجب ان فون مان نڪتل تصويرن کي پوسٽ ڪيو ويو آهي، جنهن مان امڪان ظاهر ٿيو آهي ته فون ۾ وڏي نواڻ آندي وئي آهي.

سام سنگ ایس 23 کے کیمرے کے رزلٹ نے سب کو دنگ کردیا—فوٹو: ویبو

رپورٽ موجب گليڪسي ايس 23 ۽ گليڪسي ايس 22 سميت گوگل پڪسل 7 جي ڪيمرا جي تصويرن مان سڀ کان بهتر تصوير گليڪسي ايس 23 جي آهي، جنهن جا رنگ حقيقي نظر اچي رهيا آهن.

گليڪسي ايس 23 جي ڪيمرا جون تصويرون وائرل ٿي ويون جڏهن ته موبائيل واهپيدار حيران ٿي ويا، سام سنگ جي نئين ايندڙ فون جي ڪيمرا ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو.

گوگل جي پڪسل 7 جي ڪيمرا جو رزلٽ غيرمعياري نظر اچي ٿو جڏهن ته گوگل جي دعويٰ آهي ته هن پڪسل 7 کان 50 ميگا پڪسل ڪيمرا ۾ اپڊيٽ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪمپني گليڪسي ايس 22 کي هلندڙ سال جنوري ۾ متعارف ڪيو هو، جنهن ۾ ڪمپني 108 ميگا پڪسل جو ڪيمرا استعمال ڪيو هو، جنهن کي آءِ فون 13 جي ڀيٽ سٺي فون قرار ڏنو. هاڻي خبرون سامهون آيون آهن ته گليڪسي ايس 23 ۾ پهريون ڀيرو 200 ميگا پڪسل بيڪ ڪيمرا ڏيندي ۽ اهو فون ايپل جي آءِ فون 14 جو مقابلو ڪندو، جنهن ۾ امڪاني طور تي 64 ميگا پڪسل جو ڪيمرا شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.