” تون آهين ڪير؟” مريم اورنگزيب جي عمران خان تي ٺٺول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي مريم اورنگزيب عمران خان طرفان آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي پوئتي هٽڻ واري ڳالهه تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته تون آهين ڪير؟ اسان سان گڏ هن عمران خان جي بيان جي تصوير پڻ شيئر ڪئي.

ياد رهي ته لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي اسان پوئتي هٽي ويا آهيون ۽ پوئتي ويهي ڏسنداسين، مخالف جيڪو چاهين ته ڪن، نواز شريف جي خواهش آهي ته اهڙو چيف مقرر ڪيو جيڪو سندن مفادن جو تحفظ ڪري، پر ڪو به آرمي چيف عوام جي مفاد خلاف نه ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.