هيڊ فون جو استعمال ڪندڙ هوش کان ڪم وٺن!

گلوبل هيلٿ ميگزين ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته فون، موسيقي ۽ فلمن ۽ مختلف شوز جي حوالي سان ڏسجي ته ننڍا ٻار ۽ نوجوانن انهن کي وڏي آواز ۾ ٻڌڻ پسند ڪندا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ ٻارنهن کان چوٽيهه سالن جي عمر جا ڪروڙين ماڻهو ٻڌڻ جي غير محفوظ طريقن جو استعمال ڪري رهيا آهن.

صحت جي ماهرن جي ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيڊ فونز ذريعي لڳاتار وڏي آواز ۾ موسيقي ٻڌڻ سان ڪنن جي پردن ۽ اهم سيلن کي نقصان ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو عمل گهڻي دير تائين ڪجي ته انسان جي ڪنن جا پردا مراڳي خراب به ٿي سگهن ٿا.

ميڊيڪل يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيرولائنا جي آڊيولاجسٽ لورين ڊلرڊ چيو ته ٻڌڻ کي متاثر ڪرڻ واري عمل کان بچڻ جو سڀ کان سولو طريقو اهو آهي ته هيڊ فونز جي استعمال گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي، انهن جو آواز گهٽ رکيو وڃي ۽ ٿوري وقت تائين وقفي وقفي سان ٻڌو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.