ايلون مسڪ جو نئين ٽوئيٽ سان هڪ اهم اعلان

ٽوئيٽر جي سربراهه ايلون مسڪ اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني ٽوئيٽ هيٺان ڊيوائس جي نالي کي ختم ڪندي.

سومر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ ايلون مسڪ جو چوڻ هو ته ٽوئيٽ جي هيٺان ايندڙ ليبل، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته اها ٽوئيٽ آءِ فون تان پوسٽ ٿيل آهي يا اينڊرائڊ تان، کان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

ڪمپني هاڻي اهو معاملو ختم ڪرڻ واري آهي ته ڪنهن ڊيوائس تي اهو ٽوئيٽ لکيل آهي. ڪو به اهو نٿو ڄاڻي ته ڪمپني اهو فيصلو ڇو ورتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري وجب ڪمپني 2012 ۾ اهو فيچر ختم ڪيو هو جنهن کي 2018 ۾ ٻيهر بحال ڪيو ويو هو.

واضح رهي ته 2018 ۾ اسرائيلي اداڪارا گيل گيڊٽ پنهنجي اينڊرائڊ فون هواوي ميٽ 10 جو اشتهار ان جي مخالف ڪمپني آءِ فون تان پوسٽ ڪيو هو جنهن جي نشاندهي يوٽيوب تي هڪ ٽيڪنالوجي چينل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.