ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت ۽ آبادگارن بابت وڏي وزير جو اهم بيان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاھه ھدايتون ڪيون تھ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس دوران مراد علي شاهه پاران ڪابينا کي ھدايتون جاري ڪيون ويون.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن کانسواءِ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ واڳيل عملدارن شرڪت ڪئي، 19 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جو طريقيڪار آخري مرحلن ۾ آهي، پ پ چيئرمين جي هدايت تي آبادگارن کي ٻج ڏيڻ لاءِ في ايڪڙ تي 5 هزار رپيا جلد ڏيڻ شروع ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.