سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ بدترين پاسورڊز

هن وقت دنيا ۾ اربين ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهن ۽ ان جو مطلب آهي ته هو اي ميل، سوشل ميڊيا اڪائونٽس يا ٻين لاءِ پاس ورڊز به ٺاهيندا آهن.

ان لاءِ جيئن اهو اندازو لڳايو ويندو آهي ته ماڻهو 2022 ۾ به 123456 پاسورڊ استعمال ڪندا آهن ته غلط ناهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سائبر سيڪيورٽي جي ماهرن تازو 2022 جي ڪمزور ترين پاسورڊز جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

انهن ماهرن 5 ڪروڙ 60 لک ليڪ پاس ورڊز جو جائرو ورتو جنهن بعد 2022 جي مشهور ترين يا بدترين پاسورڊز جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.

ان فهرست موجب 123456 اهو پاسورڊ آهي جيڪو اڄ به گهڻو مشهور آهي، اهڙي طرح 12345 ٻئي نمبر تي جڏهن ته password ٽئين نمبر تي مشهور ترين ليڪ ٿيندڙ پاسورڊز آهن.

يو ايس آر، 12345678، 1234، 123456789 ۽ qwerty ترتيبوار چار کان اٺين نمبر تي رهيا آهن.

ان لسٽ ۾ اهي ملڪ به شامل ڪيا ويا جن کي پاسورڊ لاءِ گهڻو استعال ڪيو ويندو آهي. ان ۾ عمان نالو سڀ کان مشهور آهي جڏهن ته پاڪستان به ڏهين نمبر تي موجود آهي.

ماهرن موجب هر آن لائن اڪائونٽ لاءِ مختلف پاس ورڊ هجڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪجي ته ڏکيو پاسورڊ چونڊيو وڃي.

ان ڏس ۾ ٽيڪنالوجي ڪمپنيون پاسورڊ جو متبال جاچي رهيون آهن پر ان لاءِ اڃا وقت گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.