گهڻو ٿيو! عمران خان وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خانگي ٽي وي ۽ ان جي اينڪر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته نجي ٽي وي ۽ ان جي اينڪر پنهنجي هينڊلرز جي حمايت منهنجي خلاف بي بنياد اسٽوري هلائي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته نجي ٽي وي، ان جي اينڪر ۽ هينڊلرز خلاف نه رڳو پاڪستان پر گڏيل عرب رياستن ۽ برطانيا جي عدالتن ۾ ڪيس ڪندس.

هن چيو ته مون تي بهتان مڙهڻ لاءِ هڪ ڄاتل سڃاتل فراڊي ۽ عالمي سطح تي گهربل ڏوهاري کي استعمال ڪيو ويو، عمران خان چيو ته نجي ٽي وي، ان جي ميزبان ۽ فراڊي ۽ هينڊلرز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي قانوني ٽيم سان صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.