ڌيءَ جو اولاد ٿيو ته ان کي اداڪارا شهناز گل جهڙو بڻائيندس: راج ڪمار رائو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار راج ڪمار رائو جو چوڻ آهي ته سندس خواهش آهي ته جيئن سندس گهر ڌيءُ ڄئي ته هوءَ اداڪارا شهناز گل جهڙي هجي.

بگ باس سيزن 13 جي سڀ کان مشهور اميدوار ۽ اداڪارا شهناز گل پنهنجي يوٽيوب چينل ”ديسي وائبز ود شهناز گل“ جي پهرين قسط پوسٽ ڪئي جنهن ۾ مهمان راج ڪمار رائو شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ راج ڪمار رائو پنهنجي خانگي زندگي سميت ڪيريئر تي ڳالهه ٻول ڪئي.

شهناز گل سوال ڪيو ته ٻارن بابت اداڪار ڇا سوچيو آهي جنهن تي راج ڪمار رائو مرڪندي جواب ڏنو ته اهو سوال ته سندس والدين به ناهي پڇيو.

سوال جي جواب ۾ هن وڌيڪ چيو ته شهناز هن وقت تائين ٻارن بابت ناهي سوچيو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ هن وقت پاڻ کي ٻار ٿا سمجهن.

اداڪار وڌيڪ چيو ته هو چاهي ٿو ته جيئن ڌيءُ جو اولاد ٿيو ته ان کي بلڪل اداڪارا شهناز جيان بڻائيندس، سادي،  خوبصورت ۽ ٽيلنٽد هجي.

واضه رهي ته اداڪار راج ڪمار رائو جي شادي گذريل سال اداڪارا پتراليکا سان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.