عمران خان کي ملندڙ تحفن جي خريدار سان گڏ تصوير ليڪ ٿيڻ تي فيصل واوڊا جو موقف سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) فيصل واوڊا جو دبئي جي ڪاروباري شخصيت عمر فاروق سان گڏ تصوير تي ردعمل سامهون اچي ويو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا عمر فاروق سان ملاقات بابت ڳالهائيندي لکيو ته عمر فاروق سان وزيراعظم آفيس جي هدايت تي منهنجي وزارت واري آفيس ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ مون کان سواءِ ٻيا چار وزير ۽ سمورين وزارتن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

فيصل واوڊا چيو ته عمر فاروق ۽ ٻين سان ٿيل اها ملاقات دبئي ڊيلي گيشن تحت ٿي هئي، هن تصوير کي جيڪو رنگ ڏيڻ چاهين ڏين ڪو ڊپ ناهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سعودي ولي عهد طرفان ملندڙ قيمتي تحفن جو خريدار سامهون آيو هو.

دبئي جي ڪاروباري شخصيت عمر فاروق تحفن سان گڏ سامهون آيو ، سندس چوڻ هو ته عمران خان سعودي ولي عهد کان ملندڙ قيمتي گهڙي دبئي ۾ فرح گوگي ذريعي کپائي، 5 کان 6 ملين ڊالرن جي گهڙي ٻه ملين ڊالرن ۾ کپائي وئي.

گهڙي جي خريدار موجب عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر مون سان رابطو ڪيو ۽ فرح خان گهڙي کڻي آئي، مان گهڙي ٺاهيندڙ ڪمپني کان تصديق ڪرائي ته انهن چيو 5 کان 6 ملين ڊالرن ۾ ملي وڃي ته سٺي ڊيل آهي پر مون سان ٻه ملين ڊالرن ۾ ڊيل ڪئي وئي.

عمر فاروق موجب عمران خان جي دوري دوران سعودي ولي عهد کيس تحفا ڏنا، هن اهي توشا خانا ۾ جمع ڪرايا، پوءِ دبئي کڻي آيو.

خريدار وڌيڪ ٻڌايو ته شهزاد اڪبر رابطو ڪري چيو اسان وٽ گهڙين جو سٺو سيٽ آهي ۽ فرح گوگي دبئي اچي توهان کي گهڙي ڏيکاريندي، فرح منهنجي آفيس آئي ۽ مون کي گهڙيون ڏيکاريائين.

سندس چوڻ هو ته دبئي ۾ ساڍا 7 ملين درهم طور ڪيش ادا ڪئي، اها گراف جي گهڙي هئي، ڪعبي جو ايڊيشن هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.