ڪروڙين رپيا في ڪِلو وڪرو ٿيندڙ ڪاٺ جو وڻ ڪير به پوکي سگهي ٿو!

وڻن ۽ انسانن جو پاڻ ۾ واسطو تمام گهرو ۽ پراڻو آهي، وڻ انسان جي لاءِ ڪيترائي فائدا ته ڏيندا آهن پر اهي ايترو ضروري به آهن جو انهن جي غير موجودگي انسان جي جياپي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.

اها ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته وڻن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن وڻ پنهنجي ذاتي وجود وڻن واري صلاحيتن جي فائدن سميت مختلف قسمن جي حوالي سان به ماڻهوءَ لاءِ تمام گهڻا فائديمند هوندا آهن.

وڻن جي استعمال ۽ فائدن جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته وقت کُٽي پوندي پر انهن جا فائدا ۽ سهولتون ختم نه ٿينديون.

ماڻهو کي آڪسيجن مهيا ڪرڻ کانسواءِ وڻن جي بنيادي فائدن ۾ فروٽ، ڇانوَ ۽ ڪاٺ ڏيڻ شامل آهن.

اهو ته سڀ ڪنهن کي اندازو هوندو ته ٻيلن ۾ وڻڻ جي واڌي جي ڪري ٿيندڙ موسمياتي تبديلون ڪهڙي ريت انسان جي زندگي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن.

انهن سڀني شين کي ڇڏي ڳالهه ڪجي ته ڪيترائي اهڙا وڻ آهن جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ انوکا هوندا آهن، جن مان نڪرندڙ رَس، کنئور، پن، ڪاٺيون وغيره اهڙي ته فائدن واريون هونديون آهن جو ماڻهو سوچي به نٿو سگهي.

پر اڄ اسان وڻن جي قسم، انهن جي فائدن يا انهن جي سهولتن نه پر هڪ اهڙي وڻ جي باري ۾ ڳالهه ڪنداسين جيڪو وڻڻ جي ناياب قسم ۾ شمار ٿيندو آهي.

جيئن ته وڻن جي ڪاٺ کي وڪرو ڪري ججهو ناڻو به ڪمائي سگهبو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو وڻن جي پوکائي ئي انهن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن.

وڻن جي ڪاٺ جي اگهن جي مهانگائي بابت ڪنهن سوچو آهي؟

يقينن ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر هوندي ته ديال ۽ ٻين قسمن جا وڻ ڳري پيسن تي وڪرو ٿيندا آهن، عام طور تي ماڻهو هڪ وڻ جي قيمت سوَن يا هزارن ۾ لڳائي سگهي ٿو، يا کڻي لکن ۾ چئجي! پر ڇا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته ڪنهن وڻ جي قيمت ڪروڙين رپيا به ٿي سگهي ٿي؟

اڄ اسان هتي اهڙي ئي ناياب وڻ جي ڳالهه ڪنداسين جنهن جي قيمت هزارَ يا لکَ نه پر ڪروڙين رپيا آهي.

اهو وڻ دنيا جو سڀ کان قيمتي ۽ ناياب وڻ آهي.

وڻ جي ان قسم جو ايگروُڊ آهي جنهن کي عربي ۾ اُود به چيو ويندو آهي.

ان وڻ جي قيمت بينڪاڪ جي هڪ مندر ۾ ٻه ڪروڙ ٽيهه لک ڊالرن تائين لڳائي وئي آهي.

هاڻي پاڻ ئي اندازو لڳايو ته ٻه ڪروڙ ٽيهه لک ڊالر پاڪستاني رپين ۾ ڪيترا ٿيندا؟

ان وڻ جي مختلف قسم مان هڪ اهڙو قسم به آهي جنهن جي ڪاٺ جي قيمت نوَ ملين ڊالر في ڪِلو جي حساب آهي. اهي رڳو ڳالهيون ناهن پر چين جي شنگهائي ۾ ان قسم جي ٻه ڪلو وڻ جو ٽڪرو هڪ ڪروڙ اسي لک ڊالرن ۾ وڪرو به ٿيو آهي.

ان وڻ جي قيمت جو ڪاٿو ان ۾ موجود عرق جي حساب سان ڪيو ويندو آهي جيڪو عرق اسي هزار ڊالر في ليٽر جي حساب سان وڪرو ٿيندو آهي. جڏهن ته ان وڻ جي کَل ٻه سئو کان پنج هزار ڊالر في ڪِلو جي حساب سان وڪرو ٿيندي آهي.

يقينن توهان ان ڳالهه لاءِ به حيران هوندا ته آخر ان وڻ ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو اهو ايترو مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي.

پر هتي اسان ان بابت توهان کي مڪمل ڄاڻ ڏينداسين.

دنيا جو اهو واحد وڻ آهي جنهن کي نه رڳو اسلام ۾ پر هندو مذهب ۾ به مذهبي حيثيت حاصل آهي.

هندو مذهب ۽ تاريخ جي پراڻي ترين ڪتاب رگويد مان اهي شاهديون ملن ٿيون ته ان وڻ جي ڪاٺ کي حضرت يوسف عه جي دور ۾ خوشبو طور استعمال ڪيو ويندو هو.

نه رڳو ايترو پر ان وڻ ۾ قدرت انسانن لاءِ اهڙا فائدا رکيا آهن جن جو ذڪر پيغمبر اسلام صه جن جي حديثن ۾ به ٿيل آهي.

جيڪي ماڻهو سعودي عرب ۾ عمري يا حج جي لاءِ ويا هوندا انهن کي اها خبر هوندي ته جيئن ئي اهي ڪعبت الله ۾ داخل ٿيندا آهن ته انهن کي هڪ انوکي خوشبو هوا ۾ محسوس ٿيندي آهي. اها ڳالهه توهان کي ڄاڻي حيرت ٿيندي ته اها خوشبو ان وڻ جي ئي هوندي آهي جنهن کي هوا ۾ پانڌيئڙن جي راحت لاءِ ڇڏيو ويندو آهي.

نه رڳو ايترو پر ان وڻ جي خوشبو ڪعبت الله جي گلاف مبارڪ ۽ هجر اسود تي به استعمال ڪيو ويندو آهي.

اها خوشبو ڪجهه دنيا جي مهانگي ترين پرفيومز ۾ به استعمال ڪئي ويندي آهي. جنهن جو استعمال عرب شهزادا ۽ امير ترين ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا.

ان وڻ جا صحت لاءِ به ڪيترائي فائدا هوندا آهن.

اهو وڻ هاضمي جي خرابي کي منٽن ۾ صحيح ڪرڻ جون صلاحيتون رکندو آهي اهو ئي سبب آهي جو انکي مختلف دوائن ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

جڏهن ته ان جو تيل جوڙن جي سور ۾ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

اود کنگهه روڪڻ، جسم جي صفائي ڪرڻ ۽ الٽي اچڻ واري عمل کي به روڪيندو آهي.

ان وڻ جو تيل ايروماٿرامي دوران ڊپريشن ۽ ايزائٽي جو علاج به بڻبو آهي. جڏهن ته ان تيل جو استعمال معدي ۽ جگر جي ٽيومر کي ختم ڪرڻ ۾ به وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

ان سان گڏ اهو تيل عورتن ۾ ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ واري بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ به وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

نه رڳو صحت پر ان وڻ جو تيل ماڻهو جي خوبصورتي جي لاءِ به وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي. جيڪو جسم ۽ چمڙي تي موجود مختلف زخمن کي ختم ڪرڻ سميت جراثيمن کي به ختم ڪندو آهي ۽ چمڙي کي تازو ۽ جوان رکڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو آهي.

ڏينهن گذرڻ سان گڏ ان وڻ جي گهرج به وڌندي پئي وڃي جنهن جي ڪري هن عالمي مارڪيٽ ۾ ان وڻ جي قيمت ٻٽيهه عرب ڊالر آهي جيڪا ايندڙ اٺ سالن ۾ ٻيڻ تي ٿي ويندي.

ان جي گهرج ۽ قيمت ۾ واڌ جو سبب وڻ پيداوار ۾ گهٽتائي آهي.

حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ جو سڀ وڻ خوشبو ناهن ڏيندا پر ٻه سيڪڙو وڻ ئي اهڙا هوندا آهن جن جي ڪاٺ مان اهڙي خوشبو ايندي آهي.

اوهان اهو ته ٻڌو هوندو ته ڪاٺ ۾ سُرو لڳندو آهي؟ يا وڻ پورا نڪتا آهن؟ اهڙي ئي قسم جو سُرو لڳڻ ان وڻ ۾ خوشبو جو سبب بڻبو آهي جيڪو رڳو ٻه سيڪڙو وڻڻ ۾ لڳندو آهي، ڪهڙي وڻ کي سُرو لڳو آهي خبر نه هجڻ جي ڪري ان وڻ جي وڏي تعداد ۾  ڪٽائي ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري اهو زمين تي ناياب ٿيندو پيو وڃي. جنهن جي ڪري عالمي طيول تي ان وڻ جي واڍي تي پابندي به لاڳو ڪئي وئي آهي.

ان وڻ جي پوکائي گهڻي قدر، چين، سريلنڪا، جاپان، ڪمبوڊيا، ڀارت ۽ ٿائيلينڊ ۾ ڪئي ويندي آهي پر هاڻي اهڙي پوکائي جي لاءِ سرٽيفڪيٽ وٺڻ به وڏي ڳالهه آهي.

اهو وڻ پنج کان ٻائيتاليهه ڊگري گرمي پد برداشت ڪري سگهندو آهي، جڏهن ته ان جي بهترين پيداوار جي لاءِ پنجويهه ڊگري گرمي پد هجڻ گهرجي.

پاڪستان جي هوا ۽ زمين ان وڻ جي لاءِ تمام بهترين آهي. مارچ ۽ اپريل دوران ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اهو وڻ پوکي سگهجي ٿو.

ان وڻ جي ٻج کي سڌو سنئون مٽي ۾ هڻڻ کان بهتر آهي ته پهريون ڪونڊين ۾ لڳايو وڃي ته جيئن بهترين نموني سار سنڀال ڪري سگهجي ۽ پوءِ انکي زمين ۾ لڳايو وڃي.

اهو وڻ مڪمل ٿيڻ ۾ عام طور تي ڏهه سالن جو مدو وٺندو آهي. پر اڄڪلهه رڳو چئن سالن کانپوءِ ان وڻ کي وڪرو ڪري سگهبو آهي.

ان سان گڏ اول، صندل، زيتون جا وڻ پراڻا ٿي اڳ کان وڌيڪ قيمتي ٿي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.