پي ٽي آءِ ڌرڻو ڪيس، ڊي جي آءِ بي کان رپورٽ طلب، سي پي او پنڊي جي عدالت کان ٻه ڀيرا معافي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي ڌرڻن جي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سي پي او راولپنڊي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي آءِ بي کان ڌرڻن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ پي ٽي آءِ ڌرڻن خلاف درخواست تي جسٽس مرزا وقاص رئوف ٻڌڻي ڪئي.

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ڪيپٽن شعيب، سي پي او شهزاد بخاري ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران عدالت سي پي او راولپنڊي جي ڏنل ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض واريندي چيو ته سي پي او راولپنڊي اڃا به پنهنجي ميڊيڪل رپورٽ تي قائم رهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ميڊيڪل رپورٽ ڪنهن به طور عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو جواز پيش نه پئي ڪري، سي پي او کان پڇو ته ڇا هو عدالت ۾ ڏنل ميڊيڪل رپورٽ تي قائم آهي.

ياد رهي ته سي پي او راولپنڊي گذريل ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي هئي.

وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته سي پي او راولپنڊي رپورٽ تي عدالت کان معافي گهري ورتي جنهن تي عدالت سي پي او راولپنڊي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته سي پي او عدالت کان ٻه ڀيرا معافي گهري.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪمشنر راولپنڊي ڪٿي آهي؟ ڇا کيس معاملي جي حساسيت جو اندازو آهي؟ ڪمشنر کي چئو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿئي.

عدالت پي ٽي آءِ احتجاجي ڌرڻن تي ڊي جي آءِ بي کان رپورٽ طلب ڪندي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي موٽر وي به رپورٽ پيش ڪري.

جسٽس وقاص مرزا چيو ته ڊي جي آءِ بي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌائي ته احتجاجي ڌرڻن سبب ڪهڙي صورتحال هئي، سي پي او ۽ ڊي سي راولپنڊي يقين ڏيارين ته ايندڙ ڌرڻن سان عوام کي پريشاني نه ٿئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياري ته ماڻهن کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي موٽر وي عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن تي عدالت کائنس پڇاڻو ڪيو ته مظاهرين سڄي موٽر وي بلاڪ ڪري ڇڏي ان وقت توهان ڪٿي هئا؟ 10 ماڻهو اچي موٽر وي بلاڪ ڪري ڇڏين ته ڇا اوهان تماشو ڏسندا رهندا؟

عدالت چيو ته لڳي ٿو ته موٽر وي پوليس احتجاج ڪندڙن کي پروٽوڪول ڏيندي رهي آهي، موٽر وي نيشنل هاءِ وي آهي، ضرورت پوڻ تي هتي جنگي جهاز به لينڊ ڪندا آهن.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.