چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو، ڇا جنرل راحيل شريف ملڪ جو سربراهه هوندو؟

 

ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ايندي، جنرل راحيل شريف سربراهه هوندو

عام چونڊن ۾ دير ۽ اڻ ڄاڻايل مدي جي حڪومت جي قيام جون خبرون

ڪير ڏکين فيصلن جي سياسي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ليول پليئنگ فيلڊ به گهرجي

عمران خان فوري اليڪشن واري بيانيي تان يوٽرن ورتو، هڪ سال جي دير تي تيار

ڪٿي پي ٽي آءِ جو دٻاءُ ان لاءِ ته ناهي ته ان قسم جي فيصلي تي مجبور ڪيو وڃي؟

ڪراچي (تجزيو: عدنان هاشمي) عمران خان جي 2018ع ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڪوڙيون سچيون اندر جون خبرون اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، اهو اڃا تائين جاري آهي پر فرق اهو آهي ته پهريان خبرون ليڪ ٿينديون هيون، هاڻي ڄاڻي واڻي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ خبرون پکيڙيون وڃن ٿيون.

ان ئي قسم جي ڪيترين ئي خبرن مان هڪ خبر اها هئي ته چونڊون نه ٿينديون، هڪ اهڙي حڪومت جو قيام ٿيندو جيڪا ڏکيا فيصلا ڪندي، جنهن بعد عام چونڊون ڪرايون وينديون، ان حوالي سان به ڪيتريون ئي ڳالهيون عام هيون، ان کي ڪو قومي حڪومت جو نالو ڏيندو هو ته ڪو ٽيڪنوڪريٽ حڪومت.

هاڻي وري خبرون عام آهن ته يا ته موجوده حڪومت جلد هلي ويندي، يا وري سندن مدو پورو ٿيڻ بعد چونڊون نه ٿينديون پر هن ڀيري اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ تحريڪ انصاف جي ڌرين ۾ ڪئي پئي وڃي ۽ اهي ڏاڍا خوش به آهن، ڇو ته چيو ويو آهي ته موجوده حڪومت کانپوءِ اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ هڪ حڪومت ٺهندي، جنهن جو سربراهه اڳوڻو آرمي چيف جنرل راحيل شريف هوندو.

ڪجهه ڏينهن کان اهي افواهه ٻڌڻ باوجود مان انهن تي ڪن نه ڏنو پر اڄ عمران خان جو بيان پڙهي ضرور حيرت ۾ اچي ويس ته فوري اليڪشن جو مطالبو ڪندڙ شخص چئي رهيو آهي ته مون کي ڪا پرواهه ناهي ته چونڊون هڪ سال دير سان ٿين پر ملڪ کي هنن ماڻهن مان خطرو آهي.

موجوده وفاقي حڪومت تي صحافين سميت مختلف ڌرين وٽان دٻاءُ آهي ته عمران خان سان ڳالهيون ڪيون وڃن، جنهن تي حڪومت جو موقف آهي ته عمران خان جو چوڻ آهي ته مون کي اليڪشن جي تاريخ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ناهي ڪرڻي، ته هاڻي عمران خان جو اليڪشن دير سان ڪرائڻ تي 180 ڊگري جو يوٽرن ڪٿي ان لاءِ ته ناهي ته حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ بعد ان قسم جي فيصلن تي مجبور ڪيو وڃي؟ اسان کي پسنديده آرمي چيف جي مقرري جي ٽرڪ واري بتي پٺيان لڳائي اصل پلان اڻ ڄاڻايل مدي جي حڪومت جو قيام هجي؟

بهانو اهو ٻڌايو ويو آهي ته سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني ويندي ۽ ڪا پارٽي ڏکين فيصلن جي سياسي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان لاءِ ملڪ لاءِ اهو زهر جو ڍُڪ پيئڻو پوندو.

فوج جي سياست کان پري رهڻ واري کليل اعلان باوجود ڪيترائي ماڻهو يقين ڪرڻ تي تيار نه هئا ۽ اهڙي ريت ڪو به عمل خدشن کي هٿي ڏيندو، منهنجو خيال ناهي ته جمهوريت پسند ماڻهو اهڙن قدمن جي حمايت ڪندا، ملڪ وڌيڪ ڏڦيڙ جو شڪار ٿيندو.

ان قسم جي ڪنهن حڪومت جي آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي، اڃا اسان اسٽيبلشمينٽ جي ناڪام ”پراجيڪٽ عمران“ جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون ۽ ان ئي دوران اڻ ڄاڻايل مدي جي حڪومت جون خبرون پريشان ڪندڙ آهن، عسڪري ۽ سياسي بااثر شخصيتن کي هن ملڪ تي رحم ڪرڻ گهرجي.

عالمي معاشي حالتون انتهائي خراب آهن، ڪورونا وائرس کانپوءِ دنيا سنڀالڻ شروع ئي ڪيو هو ته روس يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب هر ملڪ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن کي سياست بدران معيشت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي دنيا جي معيشت تي رپورٽن کي ڏسو ته اهي اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن.

جڏهن ترقي يافتا ملڪن کي رد عمل کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ته اسان ڪهڙي باغ جي موري آهيون؟ منهنجي دعا آهي ته اهي اطلاع ڪوڙا ثابت ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.