فوج طرفان جيڪي نالا ملندا انهن مان ئي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو: خواجه آصف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فوج طرفان نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ جيڪي نالا موڪليا ويندا انهن مان نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته اسان جو آرمي چيف لاءِ ڪو به فيورٽ نالو ناهي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان ملڪ جي سلامتي، اتحاد، وقار ۽ عالمي لاڳاپن کي نقصان رسائي رياست خلاف ڏوهه ڪيو آهي، حڪومت سندس خلاف ڪارروائي تي غور ڪري رهي آهي.

آرمي چيف جي مقرري بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو عمل اڃا شروع ناهي ٿيو ته پوءِ آرمي چيف جي نالي تي ڊيڊ لاڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿو، هلندڙ مهيني 18 کان 19 نومبر کان پوءِ نئين آرمي چيف جي مقرري جو عمل شروع ٿيندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ فوج طرفان جيڪي نالا موڪليا ويندا انهن مان نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان وٽ آرمي چيف لاءِ ڪو به فيورٽ نالو نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.