عمران خان گهڙي خريدڻ وقت قانوني گهرجون پوريون ڪيون يا نه؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو دبئي ۾ رهندڙ واپاري عمر فاروق جي توشه خاني جي تحفن جي حوالي سان بيان تي ردعمل سامهون اچي ويو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جڏهن عمران خان تي ڪو ڪيس نه مليو ته اهو ڪيس ٺاهيو ويو.

پي ٽي آءِ چيئرمين توشه خاني مان قانون پٽاندڙ گهڙي خريد ڪئي، اِها گهڙي سندس ٽئڪس ريٽرن ۽ اليڪشن ڪميشن جي گوشوارن ۾ ظاهر ٿيل آهي.

هن چيو ته ڪيس اهو ٺاهيو ويو ته سعودي عرب جي بادشاهه عمران خان کي مهانگي گهڙي تحفي ۾ ڏني، اها گهڙي توشه خاني مان خريد ڪري مهانگن اگهن تي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي وئي، پنج ملين ڊالر جي گهڙي ڪڏهن به ڪنهن وزيراعظم کي تحفي ۾ ناهي ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.