آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو 21 يا 22 نومبر تائين طئي ٿي ويندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو 21 هين يا 22 هين نومبر تائين طئي ٿي ويندو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حامد مير چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي سڄي سياست هڪ هڪ مقرري جي چوڌاري ڦري ٿي ته بلاول ۽ سندس حڪومت جي به سڄي ڪوشش اها ئي نظر اچي ٿي ته هڪ مقرري سندن مرضي موجب ٿئي ۽ اهو آئيني ۽ قانوني حڪومت جو حق آهي، کين پنهنجي مرضيءَ سان مقرري ڪرڻي آهي.

هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي  لاءِ سمري سدائين نومبر جي ٻئي يا ٽئين هفتي ۾ اسلام آباد اُماڻي ويندي آهي، بچاءَ واري وزارت پنڊيءَ ۾ آهي، اهو سڄو هڪ ڏينهن جو عمل آهي، اهو 18، 19 يا 20 نومبر تي ٿيندو آهي انڪري ايندڙ 2 يا 3 ڏينهن ۾ سمري بچاءَ واري وزارت ڏانهن ويندي ان ۾وڌ کان وڌ هڪ يا ٻه ڏينهن لڳندا.

حامد مير چيو ته نئين آرمي چيف لاءِ جيڪي به نالا اُماڻيا ويندا وزيراعظم ان تي سوچ ويچار ڪندو، جيڪڏهن ڪو نالو سمري ۾ موجود ناهي ته وزيراعظم وٽ اختيار آهي ته هو سمري کان ٻاهر وارو نالو پڻ غور هيٺ آڻي سگهي ٿو، اهو سڄو معاملو 21 هين يا 22 هين نومبر تائين طئي ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.